چانڊڪا اِميچوئرس ڊرامئٽڪ سوسائٽي لاڙڪاڻو

چانڊڪا اِميچوئرس ڊرامئٽڪ سوسائٽي، لاڙڪاڻو: هي ڊرئميٽڪ سوسائٽي 1907ع ۾ قائم ٿي، جنهن جو روح روان ڪشنچند بيوس هو. هيءَ ناٽڪ منڊلي، لوڪ پسند ناٽڪ، لاڙڪاڻي ۾ اسٽيج ڪرڻ کان پوءِ جيڪب آباد، شڪارپور، سکر، حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ به وقت به وقت ڏيکاريندي هئي، جنهنڪري هن ناٽڪ منڊليءَ غير معمولي شهرت حاصل ڪري ورتي. هن منڊليءَ جو مکيه ناٽڪ نويس ۽ هدايتڪار ڪشنچند بيوس هو، جنهن جا مقبول ناٽڪ: (1) ’خوبصورت بلا‘، (2) ’بلوا منگل‘، (3) ’راجا هرشچندر‘، (4) ’منوهر نانگڻ‘، (5) ’دروپدي‘، (6) ’ڀرت پوڄارڻ‘ ۽ (7) ’هارجيت‘ تمام گهڻي ڪاميابيءَ سان پيش ٿيا. آخر ۾ هن منڊليءَ ’شڪ و شڪار‘ نالي ڊرامو اسٽيج ڪيو، جنهن ۾ ڪشنچند بيوس رامائڻ جي هڪ ڪهاڻيءَ کي ناٽڪي صورت ۾ آندو هو. هن ناٽڪ منڊليءَ جي مشهور اداڪارن ۾: مولچند پنجواڻي، ٽهلرام ٽنئور ملاڻي، لڇيرام لاهوري، مهاراج ڪندن، گوبند ناٿاڻي، رام پنجواڻي ۽ ٻيا شامل هئا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو